لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيئر قانوندان ۽ سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي ميمبر لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
پ پ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پ پ جي سيڪريٽري جنرل، لطيف کوسا جي سي اي سي جي رڪنيت به معطل ڪري ڇڏي آهي.
ترجمان موجب، لطيف کوسا مدو پورو ٿيڻ باوجود شوڪاز نوٽيس جو جواب ناهي ڏنو.
ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري طرفان پارٽي پاليسين جي ابتڙ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪالت ڪرڻ تي لطيف کوسا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.