ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن طرفان دنيا جي پهرين اهڙي مسجد تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاڻي جي اندر نماز پڙهي سگھبي.
ساڍا 5 ڪروڙ درهم (4 ارب 33 ڪروڙ پاڪستان رپين کان وڌيڪ) لاڳت سان پاڻي ۾ ترندڙ ان مسجد کي دبئي ۾ تعمير ڪيو ويندو.
دبئي جي اسلامي معاملن ۽ ڀلائي واري کاتي طرفان ان مسجد کي دبئي واٽر ڪينال ۾ تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اختيارين ٻڌايو ته ان منصوبي سان مذهبي سياحت کي هٿي ملندي.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اها 3 ماڙ عمارت هوندي جنهن ۾ نماز پڙهڻ جي جاءِ پاڻي جي اندر هوندي.
منصوبي جا ڪجهه خاڪا به جاري ڪيا ويا آهن جن سان عمارت جي ڊزائين جو اندازو ٿئي ٿو.
اختيارين ٻڌايو ته هر مذهب جي ماڻهن کي ان مسجد ۾ اچڻ جي اجازت هوندي، پر مناسب لباس پهرڻ لازمي هوندو.
سندن چوڻ هو ته اها مسجد ايندڙ سال تائين سياحن لاءِ کولي ويندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ مئي 2023ع ۾ دبئي ۾ دنيا جي پهرين 3 ڊي پرنٽڊ مسجد تعمير ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي دبئي جي اسلامي معاملن بابت کاتي جي انجينيئرنگ شعبي جي سربراهه علي محمد الحليان اسلوادي ٻڌايو ته ٻه مارڙ مسجد ٻه هزار اسڪوائر ميٽرز جي رقبي تي تعمير ڪئي ويندي جنهن ۾ 600 ڄڻا نماز پڙهي سگھندا.
هنن ٻڌايو ته ان مسجد جي تعمير هلندڙ سال جي آخر تائين شڙوع ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 2025ع جي پهرين ٽي ماهي تائين ان کي مڪمل ڪيو ويندو.
سندن چوڻ هو ته ان مسجد کي ڪنڪريٽ سان تعمير ڪيو ويندو ۽ ٿري ڊي پرنٽنگ جي چونڊ ان ڪري ڪئي وئي آهي ڇو جو اها نئين ٽيڪنالوجي آهي جنهن سان وقت ۽ وسيلا بچائڻ ۾ مدد ملندي.
You might also like