نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ لاڳاپن ۾ ڏار؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  مسلم ليگ (ن) ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ ڀيرو وري ڪو تڪرار پيدا ٿيو آهي، اهو تاثر ان ڪري پيدا ٿيو آهي،  ڇاڪاڻ ته شهباز شريف جي لنڊن کان واپسي ۽ 48 ڪلاڪن ۾ وري واپسي خدشا پيدا ڪيا آهن.

سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپسيءَ  جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پر وطن واپسيءَ کان اڳ نواز شريف پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي جيڪو مطالبو ڪيو ته 2018ع ۾ سازش تحت کيس عدالت ذريعي نااهل ڪرائي عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ وارن جو  احتساب ڪرڻ بنا ملڪ اڳتي وڌي  نه سگهندو ۽  نه ئي ترقي ڪري سگهندو.

ان ڪري عمران پراجيڪٽ جي ذميوارن جو احتساب ضروري آهي، شايد ! نواز شريف جي ان مطالبي تي اسٽيبلشمينٽ  خدشن جو اظهار ڪيو هجي ۽ شهباز شريف تائين پيغام  ويو هجي جنهن ڪري شهباز شريف فون تي نواز شريف  سان ڳالهائڻ بدران واپس وڃڻ ضروري سمجهيو هجي.

اطلاع اهي به آهن ته  اڄ  لنڊن ۾ اهم اجلاس به آهي جنهن ۾ صرف نواز شريف، مريم نواز ۽ شهباز شريف شريڪ ٿيندا ٻيو ڪو به اڳواڻ ان اجلاس ۾ نه هوندو، ان ڪري اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ضرور ڪو سنجيده ۽ اهم مسئلو آهي.

نوٽ: ھيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 22 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.