شهباز ۽ مريم” انقلاب روڪيو“ مهم تي لنڊن پهتا آهن: تجزئي نگار

اسلام آباد(مانيٽرينگ ڊيسڪ ) سينيئر صحافي ڪامران خان جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف ۽ پارٽي نائب صدر مريم نواز لنڊن ويا آهن ته جيئن نواز شريف اهم شخصيتن جو احتساب ڪرڻ واري بيان تان  هٿ کڻي وڃي.

هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته انهن(مريم ۽ شهباز) جو مشن ”انقلاب روڪيو“ هو. لنڊن ۾ هڪ مهينو رهڻ کانپوءِ شهباز شريف کي پوئتي موٽڻو پيو، جڏهن هو پاڪستان پهتو ته کيس معلوم ٿيو ته نواز شريف انقلاب جو واعدو ڪيو آهي.

قوم کي قيامت خيز  اقتدار ۾ واپسي ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي تحريري ضمانت سان گڏ هن خطرناڪ عزم جو اظهار به ڪيو هو ته جيئن ئي اقتدار ۾ واپس ايندو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا،مستقبل جي چيف جسٽس، جسٽس اعجاز الحسن اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي ڪيفر ڪردار تي پهچائيندو.

هاڻ شهباز شريف کي نوازشريف کي ٿلهي ليکي پيغام ڏيڻو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون وساري ڇڏ يا پاڪستان واپسي جي خواهش کي وساري ڇڏي،ڏسون ٿا ته ان موضوع تي شهبازشريف ،مريم نواز جي منٿ ميڙ ڪم اچي ٿي يا نوازشريف انقلابي عزم تي قائم رهي ٿو يا وساري ڇڏي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.