”پنهنجي ماڻهن تي ڪيس هلائڻ نه ڏينداسين“اسٽيبلشمينٽ  جو پيغام

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)  ملڪ جي اصل طاقتور ماڻهن گذريل ڏينهن پرنٽ ميڊيا جي ڪجهه وڏن صحافين سان ملاقات ڪئي آهي،  جنهن ۾ انهن اهو ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيڻ جو امڪان آهي، اسد علي طور پروگرام ان سينسرڊ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت تمام خراب آهي، 46 ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو 43 هون نمبر آهي، خطي ۾ ڀارت جي جي ڊي پي 6.7،بنگلاديش 5.5 سيڪڙو، پاڪستان 1.1 سيڪڙو آهي

،ڀارت ۾ مهانگائي شرح 7.5، بنگلاديش ۾ 9.9 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 27 سيڪڙو آهي،جلد کان جلد اليڪشن سان هن ملڪ ۾ استحڪام،ڪاروبارين جو اعتماد بحال ٿيندو،اسلام آباد ۾ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اداري صحافين سان ميٽنگ ڪئي آهي، ان اداري جي سڀني کي خبر آهي، اتي چيو ويو ته جنوري فيبروري ۾ اليڪشن نه ٿيندي،شرڪت ڪندڙ صحافين کي ٻڌايو ويو ته  اليڪشن فيبروري کان به اڳتي وڃي سگهي ٿي، انهن چيو ته ملڪ کي عدم استحڪام کان بچائڻو آهي ته اليڪشن مسئلي جو حل ناهي، اليڪشن ڪميشن اليڪشن جو ڪو به شيڊول جاري ناهي ڪيو،جنوري جو آخري هفتو چئي دروازو کليل ڇڏيو ويو آهي، تڪبندين جو بهانو بڻائي اليڪشن ۾ دير ڪئي پئي وڃي،

اسد علي طور هڪ ٻئي وي لاگ ۾ چيو آهي ته شهبازشريف جون لنڊن لاءِ ڊوڙون ڇو لڳيون، هو 48 ڪلاڪن ۾ ئي لنڊن واپس ڀڳو، نوازشريف چئن سالن کان لنڊن ۾ ويٺل آهي، ميان شهبازشريف مريم نواز سان ون ٽو ون ملاقات ڪري فوج سان ڳالهين، ن ليگ جي ايندڙ بيانئي تي ڳالهيون ڪيون آهن، نوازشريف ٻه ڏينهن اڳ جنرل باجوا،جنرل فيض حميد، آصف سعيد کوسي ۽ ثاقب نثار جي ٽرائل جو مطالبو ڪيو آهي،

هن اقتدار ۾ اچي انهن جي احتساب جو مطالبو ڪيوآ هي ان تي ملٽري اسٽيبلشمينٽ پاران شهبازشريف سان رابطو ڪري کيس سخت پيغام ڏنو ويو، کيس چيو ويو ته توهان اهو پيغام نوازشريف کي پهچايو، شهبازشريف لنڊن پهچي ويو آهي جتي هو نوازشريف کي راضي ڪندو ته اسان مشڪل سان فوج سان رابطا قائم ڪيا آهن، عمران خان ۽ پ پ کي ڪاٽيو آهي، جنرل عاصم منير نوازشريف جي چوائس هو، بعد ۾ شهبازشريف آرمي چيف جي بوٽ پالش جا رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا، هن چيو ته باره ڪهو جي پل جو ڪريڊٽ به هن آرمي چيف کي ڏنو، هن آرمي چيف جي تعريفن جا پل ٻڌي ڇڏيا، هن چيو ته آرمي چيف اڳوڻي فوجي سربراهه جو ٽرائل ٿيڻ نه ڏيندو،

نوٽ: ھيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 22 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.