توانائي جي شعبي ۾ انقلابي بيٽري ايجاد

سنسناٽي (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن هڪ اهڙي بيٽري تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن ۾ توانائي جي ذخيرن ۽ ريسائيڪل ٿيندڙ توانائي جي ٽيڪنالوجي جي مستقبل جي حوالي سان اثر موجود ٿي سگھن ٿا.

يونيورسٽي آف سينسناٽي جي محققن جي ايجاد ڪيل ليٿيئم مان ٺهيل ريڊوڪس فلو بيٽري شمسي توانائي ۽ پن چڪي مان تيار ٿيندڙ توانائي (جتي تنوانائي وڌيڪ بڻجي وڃڻ جي صورت ۾ ذخيري لاءِ وڏي پيماني تي بيٽرين جي ضرورت پوندي آهي) لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر جِمي جيئنگ جو چوڻ هوته توانائي جي پيداوار ۽ کپت ڪڏهن به هڪ جهڙي ناهي هوندي. ان ڪري اهڙي اوزار جو هجڻ ضروري هوندو آهي جيڪو وقتي طور تي توانائي کي ذخيرو ڪري وٺي ۽ ضرورت جي وقت خارج ڪري ڇڏي.

ان نئين ڊزائين ۾ ان جهلي کي هٽايو ويو آهي جيڪا بيٽري جي هاڪاري ۽ ناڪاري اثرن کي ڌار ڪري ٿي. ان قسم جي بيٽري جي سڀ کان مهانگن اوزان مان هڪ هوندو آهي ۽ ان جي پيداوار پهريان بيهجي به چڪي آهي.

جهلي کانسواءِ اها بيٽري وڌيڪ والٽيج ۽ توانائي ڏئي سگھي ٿي جيڪا وڏي پيماني تي سائي توانائي جي آپريشنز گھرج کي گھٽ لاڳت ۾ پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

يونيورسٽي جي هڪ وزٽنگ پروفيسر سومليا سنها جو چوڻ هو ته اها ڊزائين واضح طور تي امود جي لاڳت کي گھٽ ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.