سنڌ جي مختلف شهرن ڀان سيد آباد، بدين، سيراڻي، ڪڍڻ ۽ راڄوخاناڻي ۾ سکر جي صحافي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
ڀان سيد آباد ۾ قلم ڌڻين مظفر کوکر آدم مينگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جي قتل کي مهيني کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر سندس قاتل هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿي سگھيا جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
بدين ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي حاجي خالد محمود گھمڻ، رازق ڏنو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري شهيدن جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي.
سيراڻي ۾ شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران يوسف منڌرو، حميد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي آهي.
ڪڍڻ ۾ صحافين پاران خواجا ظفر حسين حيدري، حسن علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
راڄو خاناڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس حيدرآباد جي سڏ تي صحافين پاران شهيدن جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافي باغي امداد علي نظاماڻي، ونود ڪمار اداسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 40 ڏينهن گذري ويا پر شهيدن جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ناهي ٿي سگھيا جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
هنن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.