ڄامشورو: بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو، پوليس جي لٺبازي

بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو جي شاگردن فيسن ۾ واڌ ۽ انتظاميا جي نامناسب رويي خلاف ڌرڻو هنيو آهي.

شاگردن ڊاڪٽر نياز مزاري, ڊاڪٽر ياسر نوتڪاڻي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاليج کان ريلي ڪڍي لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو.

يونيورسٽي انتظاميا پاران مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پوليس پهتي ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد پوليس شاگردن تي لٺبازي شروع ڪري ڏني جنهن سبب شاگرد ڇڙ وڇڙ ٿي ويا.

شاگرد اڳواڻن جو چوڻ ھو ته جائز مطالبن جي مڃتاءٔ لاء پرامن احتجاج ڪري رھيا ھئاسين جنھن تي پوليس بدترين تشدد جو نشانو بڻايو.

ان کان پوءِ وي سي اڪرام الدين اڄڻ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ شاگردن کي پنهنجي آفيس ۾ گھرائي مسئلا حل جي خاطري ڪرائي جنهن بعد شاگردن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.