راڻيپور: سنڌ جي نگران گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي فاطما ڦرڙو جي والدين سان تعزيت

راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل نينگر فاطما ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت لاءِ سنڌ جو نگران گھرو وزير حارث نواز آءِ جي سنڌ رفعت مختار سان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهتو.

حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار فاطما جي امڙ شبانا ۽ پيءُ نديم ڦرڙو سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي نگران گھرو وزير حارث نواز جو چوڻ هو ته فاطما جي ڪيس ۾ ملوث سڀني جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويندو سنڌ حڪومت ان معاملي تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبگول نه ڪندي پوليس جوابدارن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي.

فاطما ڦرڙو جي ماءُ شبانا ڦرڙو جو چوڻ هو کين ٻيو ڪجھ به نه گھرجي رڳو فاطما جي قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.