گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني ۾ سوڳ، واقعي بابت انڪشاف

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) وحشي جوابدار هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀائيٽين سميت پنجن عورتن کي نلڪي جا ڳن هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو.

قتل ڪيل عورتن سميت معصوم ٻارڙين جي جنازي نماز به ادا ڪئي وئي آهي جڏهن ته پنج جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوچ ڇانيل آهي ۽ گهرن ۾ ڪهرام متل هو.

گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڳمران ٽڳڙ نلڪي جي ڳن سان موقعي تي چئن عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪيو هو ۽ هڪ معصوم ٻارڙي زخمي حالت ۾ فرار ٿي وئي هئي جنهن اڄ اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهتي هئي جنهن چار لاش ۽ زخمي ٻارڙي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو هو.

مارجي ويلن ۾ جوابدار عمران ٽڳڙ جي ماءُ 55 سالن جي مريم، 25 سالن جي نوجوان ڀيڻ سميرا، ٽي ٻارڙيون، 7 سالن جي آيت، 9 سالن جي اقرا ۽ سيرت شامل آهن.

جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو هو جڏهن ته مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا هئا هئا جن کي ڳوٺ اسلام ٽڳڙ پهچايو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

تنهن بعد پنجن ڄڻين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي واسي شريڪ ٿيا ۽ هر اک آلي هئي. مقتولن کي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدار کي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو، چيو پيو وڃي ته سندس ذهني توازن ٺيڪ نه آهي، جوابدار ان کان اڳ پنهنجي پيءُ کي به مبينا قتل ڪري چڪو هو.

پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.