ڊالر ڪيترو گهٽجندو؟ حڪومت خوش خبري ٻڌائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) واپار بابت نگران وزير گوهر اعجاز اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڊالر جو اگهه 260 رپين تائين ڪِري پوندو.
لاهور ۾ توانائي واري وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گوهر اعجاز چيو اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاريون، ٽيڪساٽائل صنعت حڪومت سان گڏ بيٺي آهي ۽ انرجي اسان لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو آهي.
هن ڊالر 260 رپين تائين اچڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو ته اسان کي رياست سان گڏ هلڻو آهي ۽ واپار نبين جو پيشو آهي.
سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال ايڪسپورٽ 37 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن ۾ ساڍا 7 ارب ڊالرن جو هدف ٽيسڪٽائل شعبو پورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.