سوئٽزرلينڊ ۾ برقعي ۽ نقاب تي پابندي

برن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ۾ اختيارين طرفان برقعو پيهرڻ ۽ نقاب تي پابندي لڳائي وئي آهي، سوئٽزرليند جي پارليامينٽ  برقعي تي پابندي لاءِ بل کي وڏي اڪثيريت سان منظور ڪري ورتو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوئٽزرلينڊ ۾ ٻه سال اڳ برقعي تي پابندي لاءِ ڪرايل ريفرنڊم ۾ 51 سيڪڙو آبادي پابندي جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو جنهن کان پوءِ اڄ آئين سازي جو آخري مرحلو به پورو ڪيو ويو.

اڄ سوئٽزرلينڊ جي ننڍي ايوان ۾ برقعي تي پابندي جو بل پيش ڪيو ويو. 151 ميمبرن حمايت جڏهن ته رڳو 29 بل جي مخالفت ڪئي ريفرنڊم جي نتيجن جي بنياد تي اڳ ئي وڏي ايوان مان بل منظور ٿي چڪو آهي.

واضح رهي ته ان قانوني جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڳرو ڏنڊ لڳايو ويندو جيڪو 1 هزار فرانڪ يعني هڪ هزار 116 ڊالرز تائين ٿي سگهي ٿو.

ڄاڻايل قانون منظور ٿيڻ کان پوءِ هاڻي عوامي هنڌن ۽ نجي عمارتن ۾ نڪ، وات ۽ اکين کي ڍڪڻ ڏوهه هوندو پر ڪجهه صورتن ۾ ڇوٽ به ڏني ويندي.

ان کان اڳ مصري حڪومت به 30 سيپٽمبر کان اسڪولن ۾ چهرو ڍڪڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

مصر جي تعليم واري وزير ريڊا هيگزي اعلان ڪيو آهي ته شاگردياڻين کي اڃا به اها چونڊن جو حق هوندو ته اهي مٿي تي اسڪارف پهرين يا نه پر اهي چهرو نٿيون ڍڪي سگھن.

هن چيو ته والدين کي به گھرجي ته اسڪارف پهرڻ کان انڪاري شاگردياڻين سان زبردستي نه ڪريو، تعليم واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته والدين ۽ سرپرستن کي پنهنجي ٻچن جي پسند کان آگاهه هجڻ گھرجي ۽ انهن تي پنهنجي مرضي نه مڙهي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.