نسيم جي جاءِ تي زمان خان نه پر ٻيو بالر ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو!

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ دوران انجريءَ جو شڪار ٿيل فاسٽ بالر نسيم شاهه ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب نسيم شاهه جي رپورٽ مطمئن ڪندڙ ناهي، هو ايشيا ڪپ دوران ان فٽ ٿيڻ سبب آخري ميچ به نه کيڏي سگهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر محمد حسنين به انجرڊ آهي، جڏهن ته نسيم شاهه جي جاءِ تي حسن علي کي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
حسن علي جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ سان زمان خان ٽريولنگ ريزروز ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.