ڪِرڙيءَ جو نئون نسل دريافت

ڪوئنز لينڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ٻيلن ۾ رات جي وقت محققن جي نظر هڪ ڪِرڙيءَ تي پئي جنهن تي تحقيق ڪرڻ کان پوءِ محققن ان نسل کي ڪِرڙي جو نئون نسل قرار ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ڪِرڙي جي جسم تي زيگ زيگ ڊزائن ان کي جهاڙين ۽ شاخن جهڙي رنگ سان گڏ گھلي ملي وڃڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جنهن کي CAMOUFLAGE چيو ويندو آهي. محققن اهو دريافت ڪوئينز لينڊ جي ٻيلن ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانورن (Reptiles) جي سروي دوران ڪئي.
ڄاڻايل دريافت رسالي Zootaxa ۾ ڇپيل آهن، مطالعي جي شريڪ ليکڪ ڪونراڊ هوسڪن جو چوڻ هو ته هن جي مهمن دورنا هڪ ڪرڙي ننڍي سائز ۽ ڦڪي رنگ جي پڇ سبب نظرن ۾ اچي وئي.
مطالعي ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته محققن 15 ڪِرڙين کي رات جي وقت جهاڙين، ٻوٽن ۽ شاخن تي چنبڙيل ڏٺو. ويجهو کان ڏسڻ کان پوءِ هنن محسوس ڪيو ته متان هنن هڪ نئون نسل دريافت ڪري ورتو آهي جنهن جو نالو ”ڪيپ يارڪ زيگ زيگ گيڪو“ رکيو ويو آهي.
ڪرڙي جي سائز تقريبن 3.6 انچن تائين آهي. سنهڙو جسم، ٽامي جي رنگ جون اکيون ۽ ان جي رانن جي ويجهو ڪيترائي نوڪيلا اڀار آهن. ان جي پٺ تي زيگ زيگ ڊزائين آهي جيڪا ان کي چوڌراري جي ماحول ۾ ڍلجڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ان کانسواءِ ڪِرڙي جي پڇ جي ٻي جسم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڦڪي رنگ جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.