پنهنجي وزن کان وڌيڪ بار کڻندڙ ”جيت“ روبوٽ

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي سائنسدانن هڪ اهڙو جيت جهڙو روبوٽ بڻايو آهي جيڪ وپنهنجي وزن کان 22 ڀيرا وڌيڪ وزن رکي ٿو.
آمريڪي رياست نيويارڪ جي شهر اٿڪا جي ڪورنيل يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ مٽيريل انجينيئر روبرٽ شيفرڊ ۽ سندس ساٿين طرفان تيار ڪيل اهو روبوٽ ننڍن ننڍن ايڪچويٽرز جي مدد سان هلندڙ آهي.
رابرٽ شيفرڊ جي شاگرد ڪيمرون اوبن موجب ايڪچويٽر هڪ کوکلو سلينڊر هوندو آهي جنهن يج مٿان الاسٽوميرڪ يا ريڙهيون پائڻ لاءِ هر پير ۾ ميٿين ۽ آڪسيجن ڀري وئي آهي جنهن ۾ بيٽري کان ورتي ويندڙ بجلي جي مدد سان چڻگ ڇڏي ويندي آهي.
سليندڙ ۾ موجود گيسز جي وچ ۾ ٿيندڙ رد عمل جي صورت ۾ پاڻي ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ٺهندي آهي ۽ هڪ ننڍي ڌماڪي جي صورت ۾ توانائي خارج ٿيندي آهي جيڪا ربر جي تهه جي شڪ بگڙجڻ جو سبب بڻبي آهي.
رابرٽ شيفرڊ موجب اهي ننڍا ننڍا ڌماڪا ايتري تيزي سان ٿيندا آهن جنهن جي ڪري ڪو به شعلو ناهي ڀڙڪندو يا ربڙ کي نقصان ناهي پهچندو. پر اهي ايتري طاقت فراهم ڪري ڇڏينديون آهن جو روبوٽ 56 سينٽي ميٽر جي بلندي تائين پنهنجي وزن کان 22 ڀيرا وڌيڪ وزن کڻي ٽپو ڏئي سگھي ٿي.
الينواءِ جي شهر ايونسٽن ۾ قائم نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي مٽيريل سائنٽسٽ راين ٽربي موجب محققن جي ٽيم ڪيميڪل سان ٿيندڙ ايڪچويشن کي متاثر ڪندڙ حد تائين وڌايو آهي.
اها تحقيق جرنل سائنس ۾ ڇيپل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.