شاهد آفريدي پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ ڇو نٿو ڪري؟ سبب سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.

اڳوڻي ڪپتان تازو هڪ نجي ٽي وي شو جو مهمان بڻيو جتي کائنس ڪرڪيٽ سميت مختلف موضوع تي سوال ڪيا ويا.

ان دوران ميزبان شاهد آفريدي کان پڇيو ته هو ايترو تجربيڪار هئڻ باوجود ٻين اڳوڻن ڪرڪيٽرن جيان قومي ٽيم جي ڪوچنگ ڇو نٿو ڪري؟ .

ان سوال جي  جواب م شاهد آفريدي چيو ته جيڪي به رانديگر پاڪستان لاءِ ڪرڪيٽ کيڏيا آهن، سندن اهم ڌيان گراس روٽ ليول يعني انڊر 14، 16 ۽ انڊر 19 تي هئڻ گهرجي ۽ کين سيکارڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان وٽ جيڪي ڪرڪيٽر رٽائر ٿيندا آهن اهي پاڪستان ٽيم جو ڪوچ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن جي حق ۾ مان نه آهيان.

شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته قومي ٽيم کي ڪوچنگ جي ضرورت ناهي هوندي، ڪوچنگ جي ضرورت گراس روٽ ليول تي هوندي آهي، جيڪڏهن اُستاد سٺو هوندو ته شاگرد به سٺو نڪرندو، انڪري گراس روٽ ليول تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.