ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ڪٿي ٿيندو؟ آءِ سي سي اعلان ڪري ڇڏيو

دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) 2024ع ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪا جا ٽي شهر فائنل ڪري ڇڏيا.

آمريڪا پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو ميچون نيويارڪ، ڊيلاس ۽ ميامي ۾ کيڏيو وينديون.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، نيويارڪ شهر کان ٽيهه ميل جي مفاصلي تي 930 ايڪڙن تي پکڙيل آئزن هاور پارڪ ۾ چوٽيهه هزار تماشائين جي گنجائش وارو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهيو ويندو جنهن لاءِ معاهدو طئي ٿي ويو آهي.

ان کانسواءِ ڊيلاس ۾ گرينڊ پريري ۽ فلوريڊا ۾ بروورڊ ڪائونٽي لاڊرهل وٽ اڳواٽ ئي ميچن جي ميزباني لاءِ بنيادي ڍانچو موجود آهي پر آءِ سي سي انهن ٻنهي اسٽيڊيم ۾ تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش وڌائڻ لاءِ قدم کڻندي.

آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ آخري ٻن ورلڊ ڪپ کان مختلف هوندو، پهرين رائونڊ لاءِ ويهه ٽيمن کي چئن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويندو ۽ هر گروپ ۾ پنج، پنج ٽيمون هونديون.

هر گروپ مان ٽاپ 8 ٽيمون سُپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، سُپر 8 ۾ ٽيمن کي چئن، چئن ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ مان ٽاپ تي موجود ٻه، ٻه ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچنديون.

ياد رهي ته ان کان اڳ 2021ع ۾ 2024ع جي عالمي ڪپ جي ميزباني لاءِ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي چونڊ ڪئي وئي هئي، پر هاڻي ڪافي جائزو بعد آمريڪا جي ٽن شهرن کي فائنل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.