نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ترڪيه ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشيمر مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين سيشن کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ سان خطي ۾ معاشي استحڪام ايندو.
هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻئي مُلڪ ڪشمير واري معاملي تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جو عمل شروع ڪن، ڪشمير ۾ امن قائم ٿئي ۽ اهو ٻنهي مُلڪن جي مفاد ۾ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڳالهه ٻول دوران اسان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.