آپگهات جائز يا ڏوهه ؟ فيصلو جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي شرعي عدالت آپگهات کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي شق کي ختم ڪرڻ خلاف درخواست تي ابتدائي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

وفاقي شرعي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته اسلام ۾ آپگهات کي حرام قرار ڏنو ويو آهي، درخواست گذار موجب، ترميمي ايڪٽ کان پهرين پاڪستاني قانون ۾ آپگهات ڏوهه هيو.

عدالت چيو ته درخواست گذار قرآني آيتن ۽ ڪيئي حديثن جا حوالا ڏيندي چيو ته آپگهات کي ڏوهه طور ختم ڪرڻ اسلام ۽ اسلامي تعليم جي خلاف آهي،

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذار طرفان استدعا ڪئي وئي ته عدالت ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ 2022ع کي قرآن ۽ سنت جي خلاف قرار ڏي.

ياد رهي ته وڪيل حماد سعيد ڊار تعزيرات پاڪستان جي شق 324 ختم ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، پارليامينٽ ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ 2022ع  ذريعي اِها شق ختم ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.