ماڻهو طواف ڪندي به زال جون وڊيوز ڀرين ٿا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شاهد آفريدي جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندو آهي پر عام طور تي زال ۽ ٻارن جون تصويرون شيئر ناهي ڪندو، ان ئي ڳالهه تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

تازو هڪ انٽرويو ۾ هن ڳالهائيندي ان معاملي تي جواب به ڏنو.

هن چيو ته هو سوشل ميڊيا جي خلاف نه آهي پر سندس خيال آهي ته ان جي استعمال جي تعليم لازمي آهي. استعمال ذميواري سان ڪرڻ گهرجي، ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ڇا غلط آهي، ڇا صحيح آهي.

هن شڪايت ڪئي ته ماڻهو سوشل ميڊيا تي اچن الءِ پرائيويسي وساري ويهن ٿا.

هن شڪايت ڪئي ته ماڻهو سندس جون پنهنجون، گهرڀاتين جون لڪي وڊيوز ٺاهيندا آهن، پر سڀني کي خبر آهي ته ذاتي زندگي سوشل ميڊيا تي شيئر ناهيان ڪندو.

هن انڪشاف ڪيو ته طواف دوران به ماڻهن سندس ۽ باپرده زال جون وڊيوز ٺاهيندا رهيا، کين ائين نه ڪرڻ گهربو هو انهن کي منع ڪيو پر هو نه مڙيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.