چويهه لک پاڪستانين جي ذاتي ڊيٽا انٽرنيٽ تي وڪري لاءِ پيش

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) هيڪرن پاڪستاني شهرن جو سافٽ ويئر تي استعمال ٿيندڙ ڊيٽا چوري ڪري ورتي آهي.

هيڪرن ريسٽورنٽس ۾ استعمال ٿينڊڙ سافٽ ويئر هيڪ ڪري ورتو ۽ ويهه لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ذاتي ڊيٽا انٽرنيٽ تي وڪري لاءِ دستياب آهي.

هيڪرن انٽرنيٽ تي ڊيٽا وڪرو جو اشتهار به ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ پاڪستانين جي ذاتي ڊيٽا سيمپل طور ڏيکاري وئي آهي.

هيڪرن جو چوڻ آهي ته وٽن اڍائي سئو کان وڌيڪ ريسٽورنٽس جي ڪسٽمر ڊيٽا جو رڪارڊ موجود آهي، شهرين جي ڪريڊٽ ڪارڊ نمبرز ۽ موبائيل نمبرز جي ڊيٽا به سيمپل ۾ موجود آهي.

هيڪرن جي اشتهار ۾ ننڍن وڏن ڪيئي ريسٽورنٽس جا نالا به موجود آهن، مخصوص سافٽ ويئر پاڪستان ۾ سوين ريسٽورنٽس استعمال ڪندا آهن.

ڪنهن شهري ڪهڙي ريسٽورنٽ مان ڪيتري ادائيگي ڪئي، سموري ڊيٽا انٽرنيٽ تي موجود آهي.

هيڪرن طرفان انٽرنيٽ تي وڪرو لاءِ پيش ڪيل 22 لک پاڪستاني شهرين جي ڊيٽا جي قيمت ٻه بٽ ڪوائن مقرر ڪئي وئي آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب هڪ بٽ ڪوائن جي قيمت 27 هزار ڊالر آهي، پاڪستاني رُپين ۾ ٻه بٽ ڪوائن جي ماليت ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ٿئي ٿي.

ٻئي پاسي وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ سرڪل جو چوڻ آهي ته کين معاملي بابت اڃا تائين شڪايت ناهي ملي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.