ڪراچي (رپورٽ ماريا اسماعيل )سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سنگل بئنچ ايم ڪيو ايم جي سنڌ۾ نوڪرين تي پابندي واري ڪيس ۾ 3آڪٽوبر تائين اسٽي آرڊ برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ،عدالت سمورن ادارن کي 15ڏينهن ۾ پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ،3 مهينن ۾ ملازمن جي بائيو ميٽرڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ملازمن جا اڪائونٽ کوليا ويا آهن انهن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن، عدالت جون ،جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڀرتي ٿيندڙن جا به تفصيل طلب ڪري ورتا جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌحڪومت،ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسرن سميت ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي .سنڌحڪومت پاران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل صولت رضوي پيش ٿيو .عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته عبوري حڪم هجڻ جي باوجود نوڪرين جي اپائنمنٽ ليٽر جاري ڪيا پيا وڃن ، جسٽس ظفر راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ان معاملي جو حل هئي آهي ته پگهار جڏهن ملندي جڏهن بائيو ميٽرڪ ان جي تصديق ڪندو .اسان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسرن کان رپورٽ طلب ڪرايون ٿا .جسٽس ظفر راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪنهن کي گذريل تاريخن ۾ ليٽر جاري ڪيا ويا .ڪنهن کي بغير ميرٽ ليٽر جاري ڪرڻ نه ڏينداسين .ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جي رپورٽ کان سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو اهڙي طريقي ڪار کان ميرٽ جي لتاڙ آهي ۽ ميرٽ واري اميدوارن جي حق تلفي آهي .