اڄڪلهه جي کاڌن پيتن کي ڏسجي يا طرز زندگي کي ته ماڻهوءَ جي صحت تي ڪو به ڀروسو ناهي رهيو، صحت جي حوالي سان ڪهڙي به ماڻهو سان ڪهڙو به مسئلو ڪهڙي به وقت ٿي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان اهم ڳالهه احتياط ئي آهي جيڪو اوهان کي مختلف مسئلن کان بچائي ٿو، جڏهن ته ٻئي نمبر تي ٿوري به مسئلي کي هلڪو نه وٺڻ سان وڏن خطرن کان محفوظ رهي سگهجي ٿو. ٻئي صورت ۾ ٿوري به غفلت سخت نتيجن جو سبب بڻبي آهي.
اهڙي ئي حوالي سان ميڊيڪل سائنس انسان جي زندگي جي حوالي سان اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون آهن جيڪي ٻڌڻ کانپوءِ توهانکي خبر پوندي ته توهان ڀلي جو صحتمند ئي آهي پر توهان جي ڪيترن ئي عضوم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، سائنسي اصولن موجب ڪهڙن عضون ڪهڙي سببن جي ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، اهو انسان جي لاءِ ڪيتري حد تائين نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، هاڻي جي شروع ٿيل نقصانن جو انت ڪٿي ۽ ڪيستائين ٿيندو سان گڏ انهن خطرن کان بچڻ لاءِ ڪهڙا احتياط ڪري سگهجن ٿا، اهو مڪمل تفصيل هن وڊيو ۾ موجود آهي.