جيڪب آباد ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ واپارين پاران نينگري حسينا کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو ويو آهي.
جي يو آءِ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر اي جي انصاري، انجمن تاجران جي صدر مير احمد علي بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾
ڊي سي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد الله بخش سومرو پارڪ ڀرسان قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نينگري حسينا کوسو جي قاتلن کي هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نينگري جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
ٻي پاسي پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کان قاتلن جي گرفتاري لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ورتي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.