ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا غنا عليٰ ٽي وي انڊسٽري کان پري رهي آهي ۽ اهڙا ئي سوال کانئس ڪيا ويندا رهيا آهن.
تازو هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ کانئس پڇيو ويو ته اوهان ايترو وقت مداحن کان پري ڇو رهنديون آهيو؟
ان جي جواب ۾ کلندي چيائين ته ڇا ٻار پيدا نه ڪريان؟ اهو ٻڌڻ تي پروگرام ۾ موجود سڀ کلڻ لڳا.
ان کانسواءِ هن وڏي دل جو مظاهرو ڪندي هڪ ڇوڪري کان لائيو شو ۾ معافي به ورتي.
اها معافي هن ان لاءِ گهري ڇو ته ماضي ۾ ڊرامي سنگ دل جي شوٽنگ دوران سيٽ تي عملي کي هن دڙڪا ڏنا هئا ۽ اها ڇوڪري اتان روئندي هلي وئي هئي.
هي به ڏسي سگهو ٿا