راکي ساونت جو نئون ڊرامو، ماڻهو مڇرجي پيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت ۽ سندس اڳوڻي مڙس عادل خان دراني جي روز نون تڪرارن سبب هاڻي سندن مداح به پريشا ٿي ويا آهن ۽ هو اهي ڊراما بند ڪرڻ جو چئي رهيا آهن.
انسٽاگرام تي اسلام قبول ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ راکي ساونت عرف فاطمه، عادل خان دراني جي ميسيجز جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪيا آهن.
ان سان گڏ هن پنهنجي نڪاح جي ڪاپي ۽ نڪاح جون وڊيوز به هڪ ڀيرو ٻيهر شيئر ڪيون ته سوشل ميڊيا واهپيدارن ٻنهي جي روز جي ڊرامن کان پريشان ٿي ويا ۽ ڪمينٽس ۾ تبصرو ڪندي ڊراما بند ڪرڻ جو چئي ڇڏيو جڏهن ته هڪ واهپيدار سوال اٿاريو ته هر شيءِ سوشل ميڊيا تي ثابت ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟
راکي ساونت طرفان شيئر ڪيل اڳوڻي مڙس جي پيغامن جي اسڪرين شاٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته عادل خان دراني بگ باس ۾ انٽري ۽ گيت تي پرفارم ڪرڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي.
ان اسڪرين شاٽ سان گڏ راکي ساونت ڪيپشن ۾ لکيو ته مون کي خبر هئي، عادل خان رڳو شهرت لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو، ته جيئن هن کي بگ باس ۾ انٽري ملي وڃي، ان سان مشهور ٿيڻ لاءِ مون کي استعمال ڪيو ويو، آئون اسلامي قانوني جي پيروي ڪري رهي آهيان ۽ هن مون کي دوکو ڏئي ڇڏيو. ان کانسواءِ هن پنهنجي نڪاح ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي وڊيو به ٻيهر شيئر ڪئي.
راکي جي مختلف پوسٽ تي ڪمينٽس ۾ تبصرو ڪندي هڪ واهپيدار لکيو ته اهو سڀ بند ڪريو، پنهنجن روز جي ڊرامن ۾ اسلام کي وچ ۾ نه آڻيو جڏهن ته هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته اهو ڇو ضروري آهي؟ عوام جي آڏو پنهنجو پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ ايترو اهم ڇو آهي. اوهان کي رڳو خدا جي آڏو جواب ڏيڻو آهي پر اوهان دنيا جي آڏو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ کي ضروري سمهو ٿيون، ڇو جو اوهان ڊرامو ڪري رهيون آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.