سنڌ جي وڏي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) شعبي جي سينيئر اسسٽنٽ کي معطل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا موجب شاگرياڻين جي لکت شڪايت تي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين 3 رڪني اينٽي هراسمينٽ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
سينيئر آءِ ٽي اسسٽنٽ تي شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جا سنگين الزام هنيا ويا آهن، جنهن تي اينٽي ڪرپشن هراسمينٽ ڪميٽي جي سفارش ۽ سنڊيڪيٽ چيئرمين جي حڪم تي رجسٽرار سينيئر آءِ ٽي اسسٽنٽ جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
يونيورسٽي اختيارين موجب اينٽي هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي جاچ شروع ڪري دانهيندڙ شاگردياڻين جا بيان قلمبند ڪيا ۽ ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته معطل اسسٽنٽ جو بيان به قلمبند ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.