ماڻهو شادي ڇو نٿا ڪرڻ چاهين، منشا پاشا سبب ٻڌائي ڇڏيو.

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن جبران ناصر جي زال منشا پاشا سمجهي ٿي ته طلاق جي شرح وڌڻ جي ڪري ماڻهو شادي کان ڊڄن ٿا يا وري شادي ئي نٿا ڪرڻ چاهين.

هڪ انٽرويو ۾ طلاق ۽ ٻي شادي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪڏهن سوچيو نه هو ته شادي جي پڄاڻي ائين ٿيندي جڏهن ته طلاق جي صدمي مان نڪرڻ ۾ پنج سال لڳي ويا.

اداڪارا جو چوڻ هو ته شادي کان اڳ انسان آزاد هوندو آهي پر شادي بعد سندس زندگي تبديل ٿي ويندي آهي ۽ هو ٻئي شخص کي ذهن ۾ رکي زندگي گذاري رهيو هوندو آهي.

هن چيو ته ماڻهو شادي ن ٿا ڪن ڇو ته کين لڳي ٿو ته جڏهن شادي بعد طلاق ٿيڻ آهي ته پوءِ شادي نه ڪرڻ ئي بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.