چين ۽ آمريڪا ۾ برف پگهرڻ لڳي، ٻنهي مُلڪن جي اڳواڻن ۾ اهم ملاقات

مالٽا (ويب ڊيسڪ ) مالٽا ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي ۽ آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار جيڪ سليوان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪي ۽ چيني اڳواڻن وچ ۾ 16 ۽ 17 سپٽيمبر تي ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻ ۾ مُلڪن جي لاڳاپن، سيڪيورٽي، يوڪرائن تڪرار ۽ آبنائي تائيوان سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقاتن دوران رابطن جا ذريعا کليل رکڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻول ٿي.

پرڏيهي ميڊيا جو چون آهي ته ملاقات کانپوءِ آمريڪا ۽ چين ٻنهي طرفان ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ملاقات بابت ڌار ڌار بيان جاري ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ملاقات ۾ ٻنهي مُلڪن وچ ۾ فوجي سهڪار تي به ابتدائي اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته چيني ۽ آمريڪي اختيارين ان معاملي تي ڪنهن به قسم جو تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو .

چيني پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپا بحال رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته پرڏيهي پاليسي ۽ جهاز راني سميت ايشيا پئسفڪ جي معاملن تي به گڏيل مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيوويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.