26 آڱرين سان ٻارڙيءَ جي پيدائش، گهر ڀاتي خوش!

ڀارت ۾ 26 آڱرين سان پيدا ٿيندڙ ٻارڙي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ مقامي ماڻهو ٻارڙي کي ”ديوي جو اوتار“ قرار ڏيڻ لڳا.
ڀارتي ميڊيا موجب راجسٿان رياست جي علائقي ڀرت پور ۾ 26 آڱرين سان ٻارڙي جي پيدائش ٿي، جنهن جي خاندان جا ماڻهو ٻارڙي کي لڪشمي مڃيندي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ٻارڙي کي هٿن ۽ پيرن ۾ واڌو آڱريون آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻارڙي جي ماءُ 25 ورهين جي سرجو ديوي آهي، جنهن ٻارڙي کي حمل جي اٺين مهيني ۾ جنم ڏنو آهي.
طبي ماهرن ٻارڙي جي پيدائش کي جينياتي بي ترتيبي قرار ڏنو آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته 26 آڱرين سان ٻار جي پيدائش معمولي ڳالهه آهي پر اهڙا ڪيس تمام گهٽ سامهون ايندا آهن.
ڊاڪٽرن موجب ٻارڙي مڪمل طور صحتمند آهي، بي جينياتي بي ترتيبي سان پيدا ٿي آهي.
هوڏانهن ٻارڙي جي خاندان جو چوڻ آهي ته هوءَ 26 آڱرين سان پيدا ٿي آهي، جيڪو ديوي جو اوتار آهي، جنهن تي اسان خوش آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.