ڀارت ۾ موتمار وائرس سبب ڪيئي ماڻهو اجل جو شڪار، سوين متاثر

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) صحت جي شعبي ۾ مودي سرڪار جي نالائقي وائکي ٿي وئي آهي، ڪيرالا ۾ نيپا وائرس سبب زندگي جو نظام ڊانواڊول ٿي چڪو آهي، اسڪول۽ آفيسون بند ڪيون ويون آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪيرالا ۾ خطرناڪ وچرندڙ بيماري نيپا پکڙجڻ کانپوءِ ڀارتي ماهرن هنيئر تائين وائرس جو سبب ڄاڻڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب، نيپا وائرس سبب هينئر تائين ڪيئي ماڻهو فوت جڏهن تي ست سئو کان وڌيڪ ڀارتي شهري متاثر چڪا آهن.

وائرس سبب متاثر علائقن جي ٻاهران ڪنٽونمينٽ زون قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڀارت جون ڪيئي رياستون ماضيءَ ۾ به ان وبا کي منهن ڏئي چڪيون آهن.

صحت جي عالمي اداري موجب، اِهو وائرس جانورن خاص ڪري چمڙي مان انسانن ۾ ڦهلجندو آهي.

صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته وائرس انهتائي خطرناڪ ۽ ان جا اثر 45 ڏينهن تائين جاري رهندا آهن، گذريل پنجن سالن دوران نيپا وائرس جي پکڙجڻ جي هي ٽين وبا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.