روسي صدر اتر ڪوريا جي سربراهه کي دوري تان واپسي تي اهم تحفا ڏئي ڇڏيا

ماسڪو (ويب ڊيسڪ ) روسي صدر والاديمير پيوٽن اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان کي روس جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپسي تي انتهائي اهم تحفا پيش ڪري ڇڏيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، روسي صدر طرفان ڪم جونگ ان کي پنج آتشگير ڪاميڪاز ڊورنز جو پيش ڪيو ويو .

چين ۽ اتر ڪوريا جي سرحدن سان لڳندڙ روسي علائقي جي مقامي گورنراتر ڪوريا جي سربراهه کي صدر پيوٽن طرفان خيرسگالي طور هڪ گيران 25 ري ڪونسينس ڊرون ۽ بلٽ پروف جيڪٽن جو سيٽ به تحفي طور پيش ڪيو.

روسي گورنر ڪم جونگ ان کي اهڙو لباس به تحفي طور پيش ڪيو جيڪو ٿرمل ڪيمرائن تي نظر ناهي ايندو.

ياد رهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان اڱاري جي ڏينهن پنهنجي خاص بلٽ پروف ٽرين ذريعي اعلي عهديدارن سان گڏ روس جي دوري تي پهتو هو.

ڪورونا جي وبا کانپوءِ اتر ڪوريا جي سربراهه جو ڪنهن به مُلڪ جو اهو پهريون دورو هو، پنهنجي دوري دوران هن روسي صدر کي اتر ڪوريا جي دوري جي دعوت به ڏني جيڪا پيوٽن قبول ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.