بلديا فيڪٽري ڪيس، حماد صديقي کي واپس آڻڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ مفرور جوابدار حماد صديقي کي واپس آڻڻ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ گهرو کاتي جي وفاقي سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري کي پيش جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ جي روبرو بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي جوابدار حماد صديقي کي پاڪستان واپس آڻڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت جي طلبي باوجود وفاقي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ۽ هوم سيڪريٽري سنڌ پيش نه ٿيا، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته 259 شهري فوت ٿي ويا، ڪنهن کي احساس ئي ناهي.
گهرو وزارت جي سيڪشن آفيسر ٻڌايو ته حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ ڪيترائي الرٽ جاري ڪيا، وفاقي حڪومت حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ انٽرپول مان ريڊ وارنٽ به جاري ڪرايا.
جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ريڊ نوٽيس ڪڏهن جاري ڪرايا ويا، هاڻ ڪهڙي صورتحال آهي؟
سيڪشن آفيسر ڊاڪٽر جي ايم محمودي ٻڌايو ته 26 جنوري 2017 ۾ ريٽ وارنٽ جاري ٿيا هئا، ريڊ وارنٽ 5 سالن لاءِ جاري ٿيندا آهن.
عدالت چيو ان جو مطلب جنوري 2022 ۾ ان جو مدو ختم ٿي ويو، گهرو وزارت جي ڪارڪردگي ناقص آهي، ايڏا ماڻهو فوت ٿيڻ جي معاملي کي ان جي معيار موجب فالو نه ڪيو ويو، فيڪٽرين ۾ حفاظتي انتظامن جي رپورٽ ڪهڙو کاتو پيش ڪندو؟ سرڪاري وڪيلن طرفان جواب نه ڏنو ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته هلو چيف سيڪريٽري کي گهرايو آهي، اهو ئي ٻڌائيندو.
سيڪريٽرين جي ر ويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، وفاقي گهرو سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.