عورت مڇي کائڻ کانپوءِ پنهنجا ٻئي هٿ ۽ ڄنگهون وڃائي ويٺي!

ڪئليفورنيا ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪئلفورينيا ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعي پيش آيو آهي جتي هڪ عورت مڇي کائڻ کانپوءِ پنهنجن هٿن ۽ ڄنگهن کان محروم ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، 40 ورهين جي لورا بجارس پنهنجي ڄنگهن ۽ هٿن کان محروم ٿي وئي آهي، جڏهن ته هن مبينا تالاپيا مڇي کاڌي هئي جنهن جي صحيح نموني رڌل نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اها مڇي موتمار بيڪٽيريل انفيڪشن سان آلوده آهي.

لورا بجارس جي دوست واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته گذريل هڪ مهيني کان متاثر عورت مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جنهن جي ويجهڙائي ۾ سرجري ڪئي وئي، لورا مڇي مقامي مارڪيٽ مان خريد ڪئي هئي ۽ گهر ۾ رڌي، اِها کائڻ کانپوءِ سندس حالت بگڙي وئي ۽ هوءَ ذري گهٽ مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچي چڪي هئي.

هن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊاڪٽرز متاثر عورتن جي بگڙجندڙ حالت کي نظر ۾ رکندي کيس ڪوما ۾ موڪلي ڇڏيو هو ڇو ته سندس هٿ، ڄنگهون، چپ ڪارا ٿي چڪا هئا جڏهن ته گڙدا فيل ٿي رهيا هئا.

عورت جي دوست موجب، متاثر عورت وبريو ولنيڪس نالي موتمار بيڪٽيريل انفيڪشن جي زد ۾ اچي وئي هئي جيڪا ڪچي سامونڊي خوراڪ يا پاڻي ۾ موجود هوندي آهي.

ان کان محفوظ رهڻ لاءِ ضروري آهي ته سامونڊي خوراڪ کي سٺي طرح صاف ڪري ۽ مڪمل طور تي پچائي کاڌو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.