آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ ڪيئن راضي ٿيو؟

آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ اسرائيلي وزيرِاعظم بن يامين نتن ياهو سان ملاقات لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي صدر، اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ راضي ٿي وي ويو آهي، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندي.

رپورٽ موجب، اسرائيلي وزيراعظم جي سخت گير اتحادي حڪومت جي فيصلن سبب بائيڊن انتظاميا بن يامين نتن ياهو سان ملاقات کان انڪار ڪندي رهي آهي.

اسرائيلي حڪومت کي عدالتي نظام ۾ تڪراري ترميمن سبب به تاريخي احتجاج جو منن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

انکانسواءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪاري تي به بائيڊن انتظاميا ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.