ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 90 پئسا سستو ٿي 295 رپين 95 پئسن جو ٿي ويو، جڏهن ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن آمريڪي ڊالر 296 رپين 85 پئسن تي بند ٿيو هو.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 297 رپين تي برقرار آهي.
You might also like