بابر اعظم ۽ قومي ڪرڪيٽرن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ميانداد ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ ٻين رانديگرن جي حق ۾ آواز اُٿاريو آهي.

ايشيا ڪپ ۾ پهرين ڀارت ۽ پوءِ سريلنڪا هٿان شڪست کانپوءِ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ تي قومي ٽيم جي ڪپتان ۽ ٻين رانديگرن کي سوشل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو هو ته هار کٽ راند جو حصو آهي پر ٽيم جي ناڪامي تي صرف ڪپتان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ صحيح ناهي .

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراهه مصباح الحق به ٽيم جي حمايت ۾ بيان ڏيندي چيو هو ته اسان جي اها ئي ٽيم بهتر آهي، ڀارت هٿان شڪست جو سبب رڳي ڪپتان نه آهي.

هاڻي ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداند به هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان جي ٽيم اهڙي ناهي جيئن هن هارايو، اسان کي غلطين مان سبق سکڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ کي سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي، بيٽرز جا نمبرز غير ضروري طور تي نه تبديل ٿين، هر بيٽر کي پتو هئڻ گهرجي ته فاسٽ بالر يا اسپنر ڇا ڪري سگهي ٿو، کين خبر هئڻ گهرجي تي بالر کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي.

جاويد ميانداد قومي رانديگرن کي صلاح ڏيندي چيو ته پريڪٽس ۾ امڪاني مقابلي جي حساب سان تياري ڪريو، ڀارت ۾ به اِها ئي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي جيڪا کيڏندا آهيو، اوهان کي هر ڪنڊيشن مطابق پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي.

اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ چيو ته اوهان پروفيشنل رانديگرن آهيو، تماشائين دٻاءُ ۾ نه اچو، صرف راند تي ڌيان ڏيو، وڪيٽن جي حساب سان پنهنجي، پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي آهي.

ڪپتان تي تنقيد جي حوالي سان جاويد ميانداد چيو ته جيڪڏهن سموري ٽيم ڪجهه ناهي ڪري رهي ته ڪپتان تي ڪهڙي تنقيد ڪجي، فيصلا سازي جي مهارت تجربي سان گڏ ايندي آهي، ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ ٿئي يا ٻئي هنڌ، ڪرڪيٽ ته اِها ئي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.