خيبر پختونخواهه جي سينيئر سپرنٽيڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) بٽگرام سونيا شمروز خان عالمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
سونيا شمروز کي بهترين پوليسنگ ۽ عورتن تي تشدد جي روڪٿام تي ايوارڊ ڏنو ويو، کيس انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف وومين پوليس ايوارڊ ڏنو، سونيا شمروز کي نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ پوليس آفيسر آف دي ايئر ايوارڊ سان نوازيو ويو.
سونيا شمروز ڊي پي او چترال ۽ ٻين عهدن تي به ڪم ڪري چڪي آهي، هن جبري شادين جي روڪٿام لاءِ شڪايتي سيل به قائم ڪيا هئا.
ايس ايس پي سونيا شمروز اهڙو اعزاز ماڻڻ کانپوءِ چيو ته مان اهو ايوارڊ صنفي امتياز جي متاثر عورتن ۽ محنتي پوليس آفيسرز جي نالي ڪيان ٿي.
You might also like