نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ڪشن گنگا ڊيم ڪيس کي نيوٽرل ايڪسپرٽ فورم تي چئلينج ڪري ڇڏيو.
ڪشن گنگا ڊيم ڪيس واري معاملي تي اٽارني جنرل نيوٽرل ايڪسپرٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ اڄ ويانا روانو ٿيندو.
ڪشن گنگا ڊيم ڪيس ۾ عالمي ٽياڪڙي عدالت پاڪستان جي درخواست تي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏنو هو جڏهن ته ڀارت عالمي ٽياڪڙي عدالت جو فيصلو نيوٽرل ايڪسپرٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.
نيوٽرل ايڪسپرٽ ۾ ڪشن گنگا ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي 20 کان 21 سپٽيمبر تائين جاري رهندي.
نيوٽرل ايڪسپرٽ معاملو ڇا آهي؟
نيوٽرل ايڪسپرٽ ٻن مُلڪن وچ ۾ معاهدي جي ڊيزائن کي ڏسڻ جو فورم آهي جنهن بابت ڀارت جو موقف آهي ته ڪشن گنگا ڊيم جي اڏاوت صرف ڊيزائن جي ڀڃڪڙي آهي سنڌ طاس معاهدي جي نه.
ٻئي پاسي ان حوالي سان پاڪستان جو موقف آهي ته ڀارت جهلم درياهه تي ڪشن گنگا ڊيم اڏي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
پاڪستان جو موقف آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت سنڌو، جهلم ۽ چناب درياهه جو پاڻي وڏين رٿائن لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهي، معاهدي تحت ڀارت کي سنڌو، جهلم ۽ چناب درياهه تي رٿائن کان اڳ پاڪستان کي سائيٽ جو دورو ڪرائڻو هو، ڀارت جهلم درياهه تي هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لڳائڻ کان اڳ پاڪستان کي سائيٽ جو دورو نه ڪرايو جنهن تي پاڪستان ڀارت خلاف عالمي ٽياڪري عدالت سان رابطو ڪيو هو.