گرمي جي ستايل ڪراچي واسين لاءِ سٺي خبر، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان وسڪاري جو امڪان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران برسات جو امڪان آهي.

موسمياتي تجزيي نگار جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪلاڪن دوران گڏاپ، پورٽ قاسم، اسٽيل ٽائون ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ بحريه ٽائون، گلشن حديد، گلشن معمار سميت سرجاني ٽائون، تيسر ٽائون ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ مينهن وسندو.

موسمياتي تجزيي نگار موجب، اڱاري کان خميس تائين شهر جي اڪثر علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهندو.

ٻئي پاسي سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف علائقن ڪاٺوڙ، ٺٽي ۽ نوري آباد ۾ به ڪجهه ڪلاڪن دوران گجگوڙ ۽ کوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.