ڪيٽي بندر (ويب ڊيسڪ) ڪيٽي بندر جي حجامڙو ڪريڪ تي اونھي سمنڊ ۾ مڇيءَ جي شڪار لاءِ ويل مهاڻن جي لانچ ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مهاڻو ٻڏي فوت ٿي ويو.
لانچ جو نالو سفينه رحمت آهي، جنهن ۾ ڪُل 19 مهاڻا موجود هئا، جن مان 18 ماڻهن کي مقامين بچائي ورتو، جڏهن ته ھڪ ٻڏي ويو، جنھن جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي.
فوتي مهاڻي جي سڃاڻپ مجيد ڪڇي ابراهيم حيدري واسي طور ٿي آهي، جنهن جو لاش ڪڍي رورل ھيلٿ سينٽر ڪيٽي بندر پھچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ 3 زخمي مهاڻن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان پوءِ روانو ڪيو.
حادثي جو شڪار ٿيل سمورا مهاڻا ابراهيم حيدري جا ڪڇي ٻڌايا وڃن.
You might also like