لاهور (ويب ڊيسڪ) قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس بڻجڻ تي تحريڪ انصاف مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان موجب آزاد ۽ خوشحال معاشري جو بنياد سدائين عدل ۽ انصاف تي قائم هوندو آهي، جن معاشرن ۾ عدل ۽ انصاف ناهي اهي تباهه ٿي ويندا آهن.
هن چيو ته تحريڪ انصاف قانون جي پاسداري ڪندڙ جماعت آهي، پي ٽي آءِ جو نظريو قانون جي بالادستي، عدل ۽ انصاف جي اعليٰ ترين اصولن تي ٻڌل آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين هر قدم تي قوم کي آئين ۽ قانون جي پاسداري جو ڏس ڏنو.
You might also like