لاهور (ويب ڊيسڪ) عدالت لاهور جي ماسٽر پلان ۾ بي ضابطگين جي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف صدر چوڌري پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي کي راهداري رمانڊ تي لاهور جي جڊيشل مئجسٽريٽ ۾ ڊيوٽي جج جي روبرو پيش ڪيو ويو.
پرويز الاهي خلاف لاهور جي ماسٽر پلان ۾ بي ضابطگين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اينٽي ڪرپشن اختيارين طرفان پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي.
پرويز الاهي جي وڪيل راڻا انتظار دليل ڏيندي چيو ته انڪوائري کان اڳ ايف آءِ آر داخل نٿي ٿي سگهي، سڀاڻي ڊي جي اينٽي ڪرپشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين.
وڪيل عدالت کي ڪيس خارج ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته پرويز الاهي جي گرفتاري بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان خلاف انڪوائري ڪئي وئي نه ئي انڪوائري نوٽيس موڪليو ويو.
عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪندي ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
پوءِ اينٽي ڪرپشن اختياريون پرويز الاهي کي واپس راولپنڊي وٺي روانيون ٿي ويون، جتي کيس سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن پنجاب ٻه ڏينهن اڳ چوڌري پرويز الاهي کي حراست ۾ ورتو هو.
You might also like