جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جو 29هون چيف جسٽس بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 29هين چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.
جسٽس عمر عطا بنديال رات 12 ٿيندي ئي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تان رٽائر ٿي ويو، جنهن کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڄ چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کنيو.
چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر عارف علوي نئين چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان حلف ورتو.
حلف برداري تقريب ۾ نگران وزيراعظم، ڪابينا ميمبرن، سروس چيفس، ججن ۽ وڪيلن سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.