اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ پهرين بئنچ جوڙي ڇڏي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اهو موقف اختيار ڪيو هو ته جيستائين سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو فيصلو نٿو ٿئي ڪنهن بئنچ جو حصو نه بڻجندس ۽ هن ان ڳالهه جو اظهار ملٽري ڪورٽ بابت ڪيس جي بئنچ کان ڌار ٿيڻ وقت به ڪيو هو.
اڄ هن پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ پهرين بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي، ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ ڪندي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ بئنچ جوڙي آهي، جيڪا سڀاڻي سومر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي اختيارن بابت آهي، جنهن کي پارليامينٽ منظور ڪيو هو پر اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي منع نامو ڏنو هو.
You might also like