نئون آپريٽنگ سسٽم جلد آءِ فون ۾ شامل ٿيندو

هر سال ايپل طرفان آءِ فون جي آپريٽنگ سسٽم (آءِ او ايس) کي اپ گريڊ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪيترائي نوان فيچرز شامل ڪيا ويندا آهن.
هن سال آءِ او ايس 17 آءِ فون واهپيدارن لاءِ 18 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي پهرين جهلڪي جون ۾ ڪمپني جي سالياني ڊويلپر ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪئي وئي هئي.
ايپ جو نئون آپريٽنگ سسٽم رڳو آءِ فون ايڪس ايس يا ان کان پوءِ وارن ماڊلز لاءِ دستياب هوندو ۽ 2017 يا ان کان اڳ جي فونز ۾ ان کي اپ ڊيٽ نٿو ڪري سگھجي.
يعني جيڪڏهن اوهان آءِ فون 8 ۽ آءِ فون ايڪس (يا 10) استعمال ڪري رهيا آهيو ته هاڻي اوهان لاءِ ايپل جي سافٽ ويئر جون اپ ڊيٽس دستياب نه هونديون.
اهو غير امڪاني فيصلو ناهي ڇو جو ايپل طرفان پراڻن ڊوائيسز لاءِ سافٽ ويئر سپورٽ کي هر سال ختم ڪيو ويندو آهي.
آءِ فون ايڪس ايس، ايڪس ايس ميڪس، ايڪس آر، آءِ فون 11، 11 پرو، 11 پرو ميڪس، آءِ فون 12، 13 ۽ 14 سيريز جي فونز ۾ ان نئين آپريٽنگ سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪرڻ ممڪن هوندو.
آءِ فون 15 سيريز جا فونز جڏهن واهپيدارن کي دستياب هوندا، ته ان ۾ هاءِ ڊيفالٽ نئون آءِ او ايس سسٽم موجود هوندو.
پر اهو واضح رهي ته نئين آءِ او ايس سسٽم تائين پهچ ختم ٿيڻ کان پوءِ به اوهان جو پراڻو آءِ فون آءِ او ايس 16 يا ان کان اڳ جي آپريٽنگ سسٽمز تي ڪم ڪندو رهندو، بس اهو رڳو نون فيچرز کان محروم رهندو.
ان نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ ڪيترائي نوان فيچرز وڌايا پيا وڃن پر اسٽينڊ باءِ موڊ نالي فيچر سڀ کان وڌيڪ خاص آهي.
اهو فيچر آءِ فون جي لاڪ اسڪرين کي سمارٽ هوم ڊوائس جيان جي ڊسپلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.
ان فيچر سان فون لاڪ ٿيڻ تي به ڊسپلي تي موسم، ڪيلينڊر اپائنٽمنٽس ۽ نوٽيفڪيشنز سوڌو بين کي ڏسڻ ممڪن هوندو.
اها نئين ٽيڪنالوجي ان وقت مددگار ثابت ٿيندي جڏهن اوهان جو آءِ فون ڪنهن ميز جي مٿان رکيل هوندو ته اوهان ان کي ان لاڪ ڪرڻ کانسواءِ يا ٻيا تفصيل ڄاڻڻ جا خواهشمند هجو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.