ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سومر جي شام يا رات کان کنوڻ ۽ آنڌاري سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ارلي وارننگ سينٽر اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ برسات جو سلسلو 20 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برقرار رهي سگهي ٿو.
وچولي شدت جون چوماسي هوائون اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب اڄ کان 20 سيپٽمبر دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ سميت ٻين ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي لاڙڪاڻي، دادو، گهوٽڪي ۽ سکر سميت ٻين ضلعن ۾ 18 کان 19 سيپٽمبر دوران برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
You might also like