جيمز ويب اسپيس ٽيڪي اسڪوپ هڪ ستاري جي ٺهڻ جي عمل جي تصوير ڪڍي آهي.
زمين کان هڪ هزار نوري سال پري موجود ان ستاري کي Herbig-Haro 211 جو نالو ڏنو ويو آهي.
آمريڪي خلائي اداري ناسا طرفان ان جي تصوير کي جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ستاري جي سفر دوران خارج ٿيندڙ مختلف گيسن کي ڏيکاريو ويو آهي.
گيسن جو اهو ميلاپ ان وقت نظر ٿيندو آهي جڏهن نوان ٺهندڙ ستاري تيز رفتاري سان گيس سان ٽڪرائجندا آهن.
جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ جي ان دريافت کي اهڙي طرح جي ٽڪراءَ سان پيدا ٿيندڙ شاڪ ويوز جي رفتار ۽ رخ بابت ڄاڻڻ جو موقعو ملندو.
ناسان موجب Herbig-Haro 211جيئن جو تيئن سج جهڙو ستارو بڻجي ويندو.
جيمز ويب جي انفرا ريڊ ڪيمرا ان ستاري جي گرمي پد کي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح محقق شاڪ ويوز جو ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
واضح رهي ته جيمز ويب دنيا جي طاقتور ترين ٽيلي اسڪوپ آهي ۽ ان ۾ ڪيترائين سائنسدان هيل تائين اربين سال پراڻين ڪهڪشائن جو ڊيٽا گڏ ڪري چڪا آهن جڏهن ته ان اسان جي شمسي نظام جي سيارن جون حيران ڪندڙ تصويرون موڪليون آهن.
آگسٽ 2023ع ۾ جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ جي هڪ تصوير سائنسدانن جو مٿو ڦيرائي ڇڏيو هو.
اها تصوير زمين کان 1470نوري سان پري موجود ستارن جي هڪ جهنڊ vela جي هئي.
ان تصوير ۾ ستارن جي هجوم جي ويجهو اهو مادو موجود آهي جيڪو ستارن جو حصو بڻجي رهيو آهي.
پر انهن ستارن جي پٺيان پس منظر ۾ هڪ اهڙي شيءِ لڪيل هئي جنهن سائنسدانن کي مٿو کنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
ان تصوير ۾ هڪ تمام وڏو ڪائناتي سواليا نشان نظر اچي رهيو هو.
You might also like