سنڌ جا اقليتي سياستدان به وڏيرا بڻجي ويا

عطاالله ميمڻ

عطااللہ میمن
عطااللہ میمن

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو“ اها ڳالهه رڳو چوڻي تائين محدود ناهي، سنڌ ۾ توهان کي ان جي عملي صورت نظر ايندي، اسان ننڍپڻ کان پڙهندا ۽ ٻڌندا پيا اچون ته سنڌ جي حقيقي مالڪ هتان جي هندو ڪميونٽي آهي، جڏهن اسان ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر ويندا آهيون ته هنڌ هنڌ ان ڳالهه جا آثار به نظر ايندا آهن، توهان ڪراچي جي قديمي علائقن ۾ وڃي اتي قائم تاريخي عمارتون ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ هندو ڪميونٽي جون سنڌ جي تعمير ۽ ترقي ۾ وڏيون خدمتون شامل هيون. پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون، انهن تي نظر ٿا وجهون، سنڌ مان وڏي انگ ۾ هندو ڪميونٽي هندوستان هجرت ڪري ورتي پر اهي پنهنجا سمورا اثاثا هتي ڇڏي هليا ويا، جيڪي اڄ به ان ئي شان ۽ شوڪت سان انهن طرفان ڪيل خدمتن جون ثابتيون پيش ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ هندو ڪميونٽي به طبقن ۾ ورهايل آهي، ڪو اپر ته ڪو لوئر آهي، اپر وارا سمورا ڪاروباري ماڻهو آهن، انهن جي پهچ به گهڻي مٿي تائين آهي ۽ ٻيو طبقو اهو آهي، جيڪو ٻني ٻارو ڪندو آهي، شهرن ۾ ريڙهين تي سبزيون کپائيندو آهي، ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي، جن جي پهچ پنهنجي علائقي جي ڪائونسلر تائين به ناهي، جن کي اسان عام لفظن ۾ مظلوم هندو چوندا آهيون. انهن مظلوم هندن جي حقن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي آئين ۾ هر شئي واضح ڪئي وئي آهي، انهن جو آواز بڻجڻ لاءِ قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽون رکيون ويون آهن ته جيئن انهن مخصوص سيٽن تي مظلوم هندو ڪميونٽي مان ماڻهو ايوانن تائين پهچن ۽ انهن جي حقن جو تحفظ ڪن پر پيارا هي پاڪستان آهي، هتي مظلوم جو ڪير ناهي، تنهن ڪري جيڪي سيٽون مظلومن لاءِ رکيون ويون آهن، اتي طاقتور هندو ويٺا آهن، سنڌ مان چونڊيل هڪ به منارٽي ايم اين اي يا ايم پي اي توهان کي اهڙو نظر نه ايندو جيڪو مظلوم طبقي سان واسطو رکندڙ هجي، گذريل حڪومتي دور ۾ سنڌ مان 9 ڄڻن کي منارٽي ڪوٽا تي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻايو ويو، جن ۾ پيپلز پارٽي طرفان مڪيش ڪمار چاوله، راڻا همير سنگهه، سڌو مل سريندر ولاسائي، ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي، انٿوني نويد، پي ٽي آءِ طرفان سچانند لاکواڻي سچل، ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي، ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سنجي پرواني ۽ جي ڊي اي طرفان ڊاڪٽر نند ڪمار شامل آهن. 2008 ۾ پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ رڳو هڪ اسيمبلي ميمبر گيانچند ايسراڻي واحد ايم پي اي هو، جيڪو عوام جي ووٽن سان چونڊجي سنڌ اسيمبلي پهتو هو، ائين ئي قومي اسيمبلي ۾ منارٽي ڪوٽا تي سنڌ مان ڊاڪٽر درشن لعل، جي پرڪاش، کيئل داس ڪوهستاني، لالچند، رميش ڪمار وانڪواڻي ۽ رميش لعل شامل آهن. انهن ٻنهي ڪيٽيگرين ۾ شامل ڪيترائي ميمبر ته ٻيو يا ٽيون ڀيرو اسيمبلي ميمبر بڻيا آهن، جيڪڏهن انهن جي ڪارڪردگي تي نظر 2008 کان وجهون ته شايد ڪتاب لکي سگهجي ٿو پر اسان رڳو 2018 کان 2023 تائين ئي انهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺون ته ناقص ڪارڪردگي تي هڪ نه ڏهه ڪتاب لکي سگهجن ٿا، ڇو ته اهي سڀ اپر ڪلاس جا هندو اڳواڻ آهن، جن جو هيٺين سطح واري هندو ڪميونٽي سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي.

سڄي سنڌ ۾ هندو ڪميونٽي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي پر اهم مسئلو امن سان زندگي گذارڻ آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن انهن لاءِ ڏکيو بڻجندو پيو وڃي، آئي ڏينهن سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر مان ڪنهن هندو کي اغوا ڪيو پيو وڃي، پوءِ ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ انهن تي تشدد جي ويڊيو انهن جي وارثن تائين پهچائي ويندي آهي، اهو سلسلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندو پيو اچي ۽ هڪ محفوظ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، ان ڪاروبار جي روڪٿام لاءِ منارٽي ڪوٽا تي چونڊجي ايوانن ۾ پهچندڙ وڏيرن جهڙن نمائندن جي ڪارڪردگي صفا ٻڙي رهي آهي، هڪ عام تاثر اهو ئي آهي ته وڏيرن جهڙا هندو ليڊر سياسي پارٽين کي وڏي رشوت، جنهن کي قانوني ٻولي ۾ چندو چيو ويندو آهي ڏئي اهي مخصوص ڪوٽا جون سيٽون خريد ڪندا آهن، لازمي آهي جيڪڏهن توهان ڪنهن به شئي تي انويسٽ ڪندئو ته سڀ کان پهريون توهان جو ٽارگيٽ ان انويسٽ کي وياج سميت واپس وٺڻو هوندو آهي، ته ملڪ ۾ منارٽي ڪوٽا تي ايم اين اي ۽ ايم پي اي بڻجڻ به ائين ئي آهي، اهي ماڻهو پنهنجي ڪاروبار کي واڌ ڏيڻ ۽ ايوان کي پنهنجا واسطا وڌائڻ لاءِ ئي استعمال ڪندا آهن، سنڌ جي مظلوم هندو ڪميونٽي ڪهڙي اذيت مان گذري رهي آهي، انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن، ان سان هنن جو پري پري تائين واسطو ناهي، جيڪڏهن توهان انهن مان ڪنهن هڪ کي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي ٻڌندئو به ته اهو اتي پنهنجي مظلوم هندو برادري جو آواز نه بڻجندو پر پنهنجي پارٽي قيادت جي واهه واهه ڪندي نظر ايندو. هڪ آف دي رڪارڊ بيان شيئر ڪندو هلان ته منارٽي ڪوٽا تي چونڊيل هڪ اسيمبلي ميمبر کي سنڌ ڪابينا جو حصو بڻايو ويو ته هڪ ڏينهن هڪ نجي محفل ۾ ان ٻڌايو ته مان اسيمبلي ميمبر به پئسا ڏئي بڻيو آهيان ته وزارت وٺڻ لاءِ 8 ڪروڙ رپيا روڪ به ڏنا آهن، تڏهن وڃي مون کي اهو قلمدان مليو آهي، ته سوچڻ جي ڳالهه آ اڳ ۾ مان پنهنجي لڳايل رقم ڪڍندس، پوءِ وقت مليو ته عوام جو سوچيندس، اهو هڪ قصو ناهي، سنڌ ۾ منارٽي ڪوٽا ڪيئن وڪرو ٿيندي آهي هاڻ اها هر زبان جي ڪهاڻي بڻيل آهي، اقتدار جي مرڪز ۾ موجود ماڻهن کي چڱي ريت خبر آهي ته جيترو توهان جو بريف ڪيس ڳرو هوندو ايتري ئي توهان کي پارٽي ۾ عزت ملندي.

اسان گهڻو پري نٿا وڃون، هاڻ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي ضلعي ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور ۾ هندو نوجوانن جي اغوا خلاف هڪ ڌرڻو هنيو ويو، هڪ ننڍي ڌرڻي سڄي سنڌ ۾ انقلاب جي چڻنگ وارو ڪم ڪيو، سڄي سنڌ ۾ هلچل مچي وئي، سنڌ جا ماڻهو بنا ڪنهن سڏ جي ميدان ۾ اچي ويا، اهو واحد احتجاج هو جنهن جي قيادت عوام ڪئي، ڪنهن سياسي يا قوم پرست پارٽي کي ان احتجاج تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويو پر عوام جي طاقت اڳيان سياسي پارٽي جا اڳواڻ به مجبور ٿيا ۽ انهن به خير سگالي طور ان احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ڪنڌڪوٽ ڌرڻو هڪ هفتي تائين عالمي، قومي ۽ مقامي ميڊيا تي ڇانيل رهيو، ان احتجاج ۾ توهان کي هر طبقي جو شخص نظر آيو هوندو، جيڪڏهن ڪو نظر نه آيو ته اهو وڏيرو اقليتي اڳواڻ هو، وڏيرن جهڙن اقليتي نمائندن مان هڪ يا ٻن سوشل ميڊيا تي مذمتي پوسٽ رکي ڌرڻي ۾ پنهنجو حصو وڌو، باقي ماڻهن کان ته اهو به نه ٿيو ته ڌرڻي جي حمايت ۾ هڪ بيان ئي جاري ڪن. منارٽي ونگ پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر ۽ اڳوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ته ائين منظر تان گم ٿيو آهي، جيئن 9 مئي کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪن گم ٿي ويا آهن. ان جناب کي هاڻ هڪ بيان ڏيڻ جي به همت نه پئي ٿئي، ڇو ته خبر اٿس ته جيڪڏهن بيان ڏنائين ته سڄو ملبو پارٽي تي ئي اچڻو آهي، ڇو ته 15 سالن کان حڪومت ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي آهي، جنهن جي ناقص پاليسين سبب سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪاروبار وڏي ترقي ماڻي آهي، مظلوم اقليتي برادري جي ڪوٽا تي چونڊيل سريندر ولاسائي کي پيپلز پارٽي ميڊيا سيل جي ايئر ڪنڊيشن ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ناهي ڏيندي، تنهن ڪري هو حضرت به ڪٿي نظر نه آيو، انقلابي ڀاءُ ڀيڻ ويرجي ڪولهي ۽ سينيٽر ڪرشنا ڪولهي هاڻ اقتدار جا مزا ڏسي ورتا آهن، انهن کي به فرصت ناهي پنهنجن جي ڏک سک م شرڪت ڪرڻ جي، هونئن جيڪڏهن توهان ٻنهي سان ملاقات ڪندئو ته توهان کي ائين محسوس ٿيندو ڄڻ سڄي سنڌ جي اقليتي برادري جو بار انهن جي ڪلهن تي آهي پر عملي ميدان ۾ توهان کي ڪٿي به نظر نه ايندا. مڪيش ڪمار چاوله ته سبحان الله، هو پاڻ کي سنڌ جو وڏو وزير سمجهندو هو ۽ هاڻ حڪومت وڃڻ کانپوءِ ان جا سڄا ڪارناما سامهون اچي رهيا آهن ته کيس پنهنجو ڪاروبار ۽ بئنڪ بيلينس ٺاهڻ مان فرصت نه هئي، تنهن ڪري هو به مظلوم اقليتي برادري کي پاڻ کان پري رکندو هو، جيئن دوائن کي ٻارن جي پهچ کان پري رکيو ويندو آهي. ن ليگ سان واسطو رکندڙ کيئل داس ڪوهستاني سوشل ميڊيا تي گهڻو سرگرم نظر ايندو آهي، ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي هن سوشل ميڊيا تي کوڙ پوسٽون شيئر ڪيون پر ان کي به ايتري فرصت نه هئي ته هو ڪنڌڪوٽ وڃي ڌرڻي ۾ شامل ٿئي. پي ٽي آءِ جا اقليتي نمائندا جڏهن پارٽي ۾ هئا ته ٺيڪ، جيئن ئي 9 مئي واقعو پيش آيو ۽ هنن پنهنجي پارٽي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا ته عوام سان تعلق ڪيئن ٿا قائم رکي سگهن، سچانند لاکواڻي سچل، جي پرڪاش ۽ رميش لعل هاڻ ڪٿي به نظر ناهن ايندا، شايد ايندڙ سيٽ اپ ۾ سيٽ ملي وئي ته وري ٽي وي چئنلن تي توهان کي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندي نظر ايندا. رميش ڪمار وانڪواڻي جيڪو پاڻ کي پاڪستان ۾ اقليتي برادري جو قائداعظم سمجهي ٿو، جنهن پاڪستان هندو ڪائونسل جي نالي سان هڪ ادارو ٺاهيو آهي ۽ جناب ان اداري جي پليٽ فارم کي استعمال ڪري ايترو فائدو حاصل ڪندو آهي جو ڪنهن جي سوچ هجي. جناب کي وڏا وڏا سيمينار ڪرائڻ ۽ پاڪ، هند دوستي ڪرائڻ جو جنون آهي پر پنهنجي صوبي سنڌ ۾ پنهنجي ئي برادري سان ٿيندڙ ظلم تي ائين وات بند رکندو آهي ڄڻ مڱ پيل هجنس، ڪشمور ڌرڻي تي جناب جو هڪ به بيان نظر نه آيو ۽ نه ئي پاڻ ڪٿي نظر آيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سنجي پرواني ۽ جي ڊي اي جو ڊاڪٽر نندڪمار به آرام ڪري رهيا اهن، هاڻ ايندڙ چونڊن کانپوءِ توهان کي وڏيون وڏيون تقريرون ڪندي نظر ايندا. هتي پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني ۽ پيسومل اڪراڻي جو ذڪر نه ڪرڻ زيادتي هوندي، اهي ٻه واحد پ پ جا منارٽي اڳواڻ هئا، جن بابت مشهور آهي ته اهي عوامي ماڻهو آهن، موهن لال ڪوهستاني 2008 جي چونڊن کانپوءِ پ پ جي حڪومت ۾ صوبائي وزير رهيو، هن سڄي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ وڏي پئماني تي نوڪريون به ڏنيون، اهو واحد پ پ جو منارٽي اڳواڻ آهي، جنهن کي اڄ به مظلوم اقليتي برادري ۽ پارٽي ڪارڪن ياد ڪري ٿو، ائين ئي پيسومل اڪراڻي 2008 ۾ ٿرپارڪر ۾ ان وقت سنڌ جي طاقتور ترين سياستدان ارباب غلام رحيم سامهون عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ رڪارڊ ووٽ حاصل ڪيا، پوءِ 2013 جي چونڊن بعد پ پ ان کي منارٽي ڪوٽا تي ايم پي اي بڻايو، پيسومل هڪ الڳ ئي روايت قائم ڪئي، هن ٿرپارڪر کي نه وساريو ۽ سڄي دور ۾ ان کي پنهنجي پراڻي تڪ ۾ ڏٺو ويو، ڏک سک ۾ هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان گڏ رهيو، اڄ به جيڪڏهن ڪير ٿرپارڪر ويندو ته اتان جي مظلوم اقليتي برادري جي زبان تي پيسومل اڪراڻي جي عوام دوستن منصوبن جا چرچا ٻڌڻ لاءِ ملندا، اهڙن ماڻهن کي اسيمبلي ۾ پهچايو وڃي ته شايد سنڌ جي مظلوم هندو برادري سامهون مظلوم لفظ ڊهي وڃي.

ان ڳالهه ۾ ڪي ٻه رايا ناهن ته پ پ جي سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت رهي آهي ۽ سڄي سنڌ جو شايد ڪو اهڙو علائقو هاڻ بچيو هجي، جنهن جو جاگيردار يا وڏيرو پ پ ۾ شامل نه هجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف علي زرداري سنڌ ۾ پ پ جي سڄي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي سڀني وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پ پ ۾ شموليت يقيني بڻائي وئي آهي، 15 سالن جي دور ۾ اها جاگيردار هاڻ ايترا بااثر ٿي ويا آهن جو انهن جي علائقي ۾ انهن جي اجازت بنا ڪو پکي به پر نٿو هڻي سگهي، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پ پ جي حڪومتي دور ۾ سنڌ مان ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا گهٽجڻ گهرجن ها پر 15 سالن اندر ان ڪاروبار ۾ جيڪا جدت ۽ ترقي آئي، اها سڀني لاءِ حيران ۽ پريشان ڪندڙ ثابت ٿي آهي، سنڌ جي جنهن به علائقي مان ڪو شخص اغوا ٿيندو آهي ته ان جا پيرا انهن وڏيرن ڏانهن ئي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.