ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي نيٽ فليڪس تي اچڻ لاءِ بيچين نظر اچي ٿي.
تازو هن ڊجيٽل پليٽ فارم يوٽيوب تي هڪ پوسٽ ڪاسٽ ۾ انٽرويو ڏنو.
هن ٻڌايو ته تازو هن پي ايڇ ڊي جي ڊگري پوري ڪئي آهي ۽ پيءُ جي چوڻ تي هن پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سولر سسٽم هجڻ جي باوجود هن جو بل 90 هزار رپيا آيو.
شرميلا جو چوڻ هو ته هو اداڪاري، ٿيٽر، ميوزڪ ۽ ڳائڻ جي شوقين آهي پر وٽس وقت نه آهي، پر خواهش آهي ته ڪاش نيٽ فليڪس جي سيريز ۾ ڪم ڪري سگهان ها.